6 Tweets 1 reads Jan 24, 2023
چون ٿا ته هڪڙو بادشاهه، پنهنجي اميرن وزيرن سان، شڪار تي نڪتو. بيابان مان لنگهندي، بادشاهه سلامت هڪڙو اڪ جو ٻُوٽو ڏٺو، جو ڏاڍو سهڻو پئي لڳو. گهوڙي تان لهي، ٻُوٽي کي چڱيءَ طرح ڏٺائين ۽ سمجهيائين ته ڪنهن ولايت جي ميوي جو ٻج اُڏامي، هت آيو آهي، ڪوشش ڪري هن جي ڦرُ (ميوو) کائجي.
حڪم ڏنئي ته، ”هن ٻوٽي جي پوريءَ طرح پرداخت ڪئي وڃي. جڏهن تيار ٿئي، تڏهن درٻار ۾ پهچايو وڃي“. هتي ته فقط اشاري جي دير هئي. کوهه کڄي ويو ۽ ڪمند جا چيچڙا لڳي ويا. هر روز ڪمند جي رَسُ، ٻوٽي کي ملڻ لڳي. ٿوري وقت کانپوءِ، ٻوٽي به ڦرُ جهليو، جڏهن اڪ جون انبڙيون وڏيون ٿيون، تڏهن
مالهي ٿالهيءَ ۾ وجهي، دربار ۾ کڻي آيو. بادشاهه، ڏاڍو خوش ٿي ۽ اميرن وزيرن خواه دوستن کي گهرايائين. جڏهن انبڙيون ڪپيون ويون، تڏهن اندران، ڪپهه جيان تاندورا نڪتا! بادشاهه اهو ڏسي، حيران ٿي چيو ته، ”محنت ئي رائگان!.“ اتي ڪنهن وزير چيو ته:
ڪـُوَڻ کي پاڻيءَ جيان، پيِڙي پياريم ڪماند،
نڪو زهر زمين ۾، نڪو ڌاتوري ڌَر پاند،
ڪمائي ڪم ذات سان، وڃي ٿي وِڙواند،
جنهن جو بـَد بُنياد، تنهن جو ميوو مِٺو نه ٿئي.
ڪـُوَڻ، ڪُ = خراب + خراب وڻ، ڪماند = ڪمند، ڌاتورو = هڪ نشيدار قسم جو ٻوٽو. ڌرپاند= ڌرتي يا زمين ۾ لڳل پاسو يا بيخ (؟). وِڙواند = نيچ، ذليل، مفت، بي فائده.
مطلب آهي ته نيچ ماڻهوءَ مان، ڪڏهن به چڱائي نه ٿيندي، ڇاڪاڻ ته هو اصالت کان مجبور آهي.
آکاڻيءَ سان ڳنڍيل ڪجه محاورا:
* ڪُلَ شَيءِ يرجِعُ اِليٰ اصلهِ
(سڀڪا شيءِ پنهنجي اصليت ڏي موٽندي آهي)
* ٻِجُ خرابو ته نَجُ خَرابو.
* ڌوپي منجهه درياءَ، ته به اوجهه نه ڇڏي اوجهري.

Loading suggestions...