3 Tweets Jan 28, 2023
رواجي سوچ سان رواجي نتيجا ئي نڪرندا آھن.
الياس ھووي (Elias Howe) سلائي مشين ايجاد ڪري دنيا تي احسان ڪري ويو.شروعاتي مشين ۾ سئيءَ جو سوراخ پُڇڙ ۾ ھوندو ھئو جيئن ھميشه کان رھيو آھي پر پريشانيءَ جي ڳالھ اھا ھئي ته ان طريقي ڪپڙن جي سلائي ممڪن نه ھئي ۽ ھو صرف جوتا ئي سبي سگھندو ھئو+
ھروقت ان سوچ ۾ رھندو ھئو ته ان مشين سان ڪپڙا ڪيئنءَ سبجي سگھجن. ته ھڪ ڀيري خواب ۾ آدمخور قبيلي جي ماڻھن کي پنھنجي پويان ڀڄندي ڏٺائين ۽ انھن وٽ موجود ڀالن جي منڍ ۾ سوراخ ھئو. خواب مان بيدار ٿيڻ تي خيال آيس ته ڇو نه سلائي مشين جي سُئيءَ کي منڍ ۾ سوراخ ڪري سلائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي+
ايئن ئي جديد سلائي مشين جي ايجاد ٿي جنھن جو سبب رواجي سوچ جي ابتڙ سوچ ھئي.
بقول شاھ سائينءَ جي:
اک اُلٽي ڌارِ، وَنءُ اُلٽو عامَ سِين
جَي لَهوارو لوڪُ وَهَي، تون اوچو وَهُ اوڀارِ
منجهان نُوچَ نِهارِ، پُرُ پُٺيرو پِرِيَ ڏي
سُرُ آسا

Loading suggestions...