حڪايت: (مالها)🧵
ھڪ بادشاهه وزير کان پڇيو ته: ڇا سبب اھي جو منهنجو ڦلاڻو نوڪر مون کان وڌيڪ خوش آهي؟ هن وٽ ڪجهه به ناهي ۽ مان بادشاهه آهيان، مون وٽ سڀ ڪجهه آهي ۽ پوءِ به پريشان رھندو آهيان؟
وزير کيس چيو ته: ھن سان 99 وارو اصول آزمايو. بادشاھه چيو ته 99 وارو اصول ڇا آھي؟

وزير چيو: رات جو ھن جي در وٽ هڪ ٽوڪريءَ ۾ 99 دينار رکو ۽ ان لکو بادشاھ طرفان 100 دينار تحفي طور.
باشاھ ايئن ئي ڪيو. نوڪر ٽوڪري کڻي اندر آيو ۽ دينار ڳڻيائين ته 99 دينار ھئا ھڪ کُٽل ھئو. سوچيائين باقي دينار ضرور ٻاھر ڪٿي ڪري پيو ھوندو سو ھي ۽ گھر وارا سڀيئي ھڪ دينار جي تلاش

۾ نڪتا، ۽ سڄي رات اُن ۾ گذري. جڏھن گم ٿيل دينار نه مليو ته گھر وارن تي ڇوھ ڇنڊڻ لڳو جن جي نااھليءَ جي ڪري ھڪ دينار نه لڌو.
.
ٻئي ڏينهن جڏھن نوڪر درٻار آيو ته رات جي اوجاڳي سبب پريشان حال ۽ منھن لٿل پئي لڳو. پھريان وانگر چھري تي مسڪراھٽ به ھئس.

بادشاهه کي خبر پئي ته انسان جي پريشانيءَ جو سبب ان جي ناشڪري آھي. اسان خدا جي ڏنل 99 نعمتن کي وساري ڇڏيندا آهيون ۽ پنهنجي سموري زندگي ھڪ گم ٿيل نعمت جي ڳولا ۾ پريشان گذاري ڇڏيندا آهيون!
خلاصو: خدا جي ڏنل 99 نعمتن مان لطف اندوز ٿيو. ڪار ناهي سائيڪل ته آهي بنگلو ناهي گهر ته آهي.

Loading suggestions...