4 Tweets 4 reads Jan 05, 2023
غزل
رُت ڳاڙھيءَ ۾ رابيل ٽِڙيا ، تو ويسارن جي چيچ جھلي!
ھر دڳ تي تنهنجي ياد لُٽيو، دل مُونجھارن جي چيچ جھلي!
تون ڪونه ھُئين ڪنهن ڪيٽي ۾، ۽ ڪو نه هُئين ڪنهن ڪنڌيءَ تي!
مون ڀٽڪي رستي رستي تي، پو۽ ڪيڏارن جي چيچ جَھلي!
تو ڇا ته ڏٺو آ اربيلا ، اي چنڊ ٻُڌاءَ هِن ويڙھي ۾،
ڪنهن زلف ورايا شامُن جو، ڪنهن وسڪارن جي چيچ جَھلي!
ھي ڪير گھٽيءَ مان گذري آ، ھي ڪنهن جي خوشبو وکري آ،
ڪو ڇا ڄاڻي اڄ احساسن ڇو مھڪارن جي چيچ جَھلي!
ڪو درد لڳن ٿا موسم جو، ڪا دانهن لڳي ٿي لُھرن جي!
ويا تِن جو گُنگهرو چين کڻي، جن ڇڻڪارن جي چيچ جَھلي!
ڪلھ موئن کي برسات لُٽيو ، اڄ روپا جي ديوار ڪِري!
ڪنهن ڪونه صدا جي سار لڌي، مون آثارن جي چيچ جھلي!
تاريخ گواھي ڪا ڏيندي ، تون ٻُڌجان ان جي ٻوليءَ کي،
ڪلھ گھوڙن ٽاپيو ٻارن کي، مَن ھڻڪارن جي چيچ جَھلي!
ڏس عشق اسان جو آڌيءَ ۾، بي وقت انا جي بارش ٿيو،
مون ھاڪارن جي ڳالھ ڪئي، تو ماٺارن جي چيچ جَھلي!
ايوب کوسو

Loading suggestions...